شاهه وجيهه الدين

شاهه وجيهه الدين: بزرگ شاهه وجيهه الدين عرف شاهه حسين ولد سيد فتح شاهه، پنجين صدي هجريءَ/ يارهين صدي عيسويءَ جو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس جنم اچ شريف ۾ ٿيو. شاهه حسين جي سنڌ ۾ اچڻ بابت ٻه روايتون آهن، هڪ روايت آهي ته هڪ ڏينهن شيخ ابڙو هالاڻي متوفي 637هه/1239ع ۾ سير سفر جي خيال سان فتح شاهه جي ديري تي اچ شريف پهتو ته اتي شاهه وجيهه الدين سان سندس ملاقات ٿي، جيڪو پڻ سفر جي تياري ڪري رهيو هو. شيخ ابڙي پڇيس ته ڪهڙي سبب پنهنجو ملڪ ڇڏي سفر جي تياري ڪري رهيو آهين؟ جنهن تي شاهه وجيهه الدين چيو ته: “اڄ رات خواب ۾ هڪ برقعه پوش اهل الله مون کي چيو آهي ته سورٺ جي ملڪ وڃ ۽ وڃي سيد عبدالهادي المعروف سيد جميل شاهه گرناري ڏاتار کان تلقين وٺ، اهو ئي سبب آهي جو تياري ڪري اوڏانهن پيو وڃان، جيڪڏهن توکي به هلڻو هجي ته مون سان گڏ هل.” اهو ٻڌي شيخ ابڙي شاهه صاحب کي پنهنجي دل جو حال ٻڌايو ته: “مون به انهيءَ مراد سان سفر ڪيو آهي.” پوءِ ٻئي گڏجي جھونا ڳڙهه ۾سيد جميل شاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيا. هڪ ٻيءَ روايت موجب: هڪ ڏينهن سيد جميل شاهه اچ شريف ۾ سيد فتح شاهه وٽ آيو ۽ ڪجھه ڏينهن رهڻ کانپوءِ شاهه وجيهه الدين کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. سيد فتح شاهه پنهنجي پٽ کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو، جنهن تي ٻنهي درويشن ڪرامت جا مقابلا ڪيا. جنهن کانپوءِ فتح شاهه پنهنجي پٽ شاهه وجيهه الدين جو راضپو ڏسي کيس اجازت ڏني. ان کانپوءِ ٻئي صاحب جھونا ڳڙهه ۾ گرنار جبل تي آيا، جتي جميل شاهه گرناريءَ جو آستانو هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. ان کانپوءِ ٻئي بزرگ پير پٺي جي خواهش تي سنڌ آيا ۽ پير پٺي واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪيائون. سيد جميل شاهه گرناري ۽ شاهه وجيهه الدين جي سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ سوين ماڻهن سندس صحبت ۾ اچي فيض حاصل ڪيو، جنهن سبب ڪافي غير مسلم اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. جنهنڪري ان وقت جا بااثر خاندان، جن ۾ ڪڪرالي جا حاڪم ڪيهر به شامل هئا، جيڪي بزرگن کان تنگ ٿي ويا، پر هنن پنهنجي خانقاهن کي هر انسان جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جنهنڪري هنن جي روحاني تبليغ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. اهوئي سبب آهي، جو سامي فقير اڄ به شاهه وجيهه الدين جا مريد آهن ۽ هر ميلي ۾ سماع دوران خانقاهن ۾ مرليون وڄائيندا آهن، اها حاضري هو نسل در نسل ڏيندا پيا اچن.
شاهه وجيهه الدين 520هه/1126ع ۾ سومرن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار فرزند ٿيا: شاهه حسن، ٻيو شاهه عبدالحق لقب شاهه ڪهور، جنهن جي مزار ضلعي بدين ۾ آهي. هن بزرگ منڌره قبيلي مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد موسى شاهه نالي ٿيو. سندس ڪافي اولاد ڪڇ ۽ گجرات ۾ آهي. ٽيون شاهه غازي عرف شاهه آري، جنهن جي نالي سان آر شهر ۽ ديهه پير آري اڄ به موجود آهن. چوٿون لعل ڇٽو، جنهن لاءِ روايت آهي ته هن بزرگ ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو پاڻ کي درٻار ۾ لڪائي ڇڏيو. هن وقت هندستان ۽ سنڌ ۾ سندس 84 تڪيه آهن، جن مان گھڻن تي ميلا به لڳندا آهن. انهن تڪين تي شاهه وجيهه الدين پوٽه سيد ۽ سندس مريد پنهنجن ڄمندڙ پٽن جي جھنڊ لهرائيندا آهن. هن بزرگ جو هڪ تڪيو ديهه مهر، تعلقي گھوڙاٻاريءَ ۾ به آهي، جتي هر سال پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي.
پير حسام الدين شاهه راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، هن بزرگ جي اصل قبر ٺٽي جي ڀرسان تندسر ڍنڍ جي اولهه ۾ آهي. پاڻ مڪليءَ ۾ دفن آهي.


لفظ شاهه وجيهه الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو